اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملڪيت آهن، پورٽ قاسم اٿارٽي جي قانون موجب اهي وف??ق جو حصو آهن، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽيشن، سيوريج، سولڊ ويسٽ ۽ پاڻي جي سپلاءِ چار وڏا مسئلا آهن، ايتريون حڪومتون آيون پر ڪراچي جا مسئلا گهٽ نه ٿيا، وزيراعظم عمران خان پاران ڪراچي جي ترقياتي جي لا??ِ پئڪيج سان مطمئن آهيان، سڄي ذميواري وفاق کڻي ته ??وءِ صوبائي حڪومت جي ڪهڙي ذميواري رهجي ويندي. نجي ٽي وي چيبنل کي خاص انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته احتجاج ڪرڻ مخ??لف ڌر پارٽين جو حق آهي، پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن آهي، مخ??لف ڌر پارٽين جي گذريل سال لانگ مارچ سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهتو، مخ??لف ڌر جي مارچ سان ڪورونا وڌڻ جوخطرو آهي، انهن کي مشورو آهي ته ??اسڪ پائي احتجاج ڪن.