هري پور – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي ترقي يافته بڻائڻ جي لاءِ قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال جي خواب جي عملي تعبير جي لاءِ ڪوش?? ڪري رهيا آهيون، ملڪي ترقي جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، خصوصي اقتصادي زون سان ملڪي معيشت کي فروغ ملندو، نوجوان اسان جو اثاثو آهن، اسان جي ڪ??شش هوندي ته ??ڌي?? وسيلا تعليم جي بهتري تي لڳايون. اهڙن خي??لن جو اظهار هن هري پور ۾ پاڪ آسٽريا فيڪوچ شول انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و. وزيراعظم عمران خان چيو ته انسان جو ڪم ڪوش?? ڪرڻ آهي، ڪاميابي الله جي ذات ڏيندي اهي، اسان ۾ هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت آهي اسان کي پنهنجي سوچ بهتر ڪرڻي پوندي آهي، هن چيو ته ملڪ کي ترقي يافته بنائڻ جي لاءِ قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال جي خواب جي عملي تعبير جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ذهنن کي آزاد ڪندي ترقي جو رستو اختيار ڪرڻو آهي، وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.