اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چي?? آهي ته اسٽريٽجڪ پاليسي فريم ورڪ تحت مختلف شعبن جي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، اي ڪامرس پاليسي لاڳو ٿي چڪي آهي، پهريون ڀيرو ”لڪ آفريقا“ پاليسي ٺاهي وئي آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چي?? ته روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا ويا آهن، اسٽريٽجڪ پاليسي فريم ورڪ تحت مختلف شعبن جي روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي، جن جن شعبن ۾ صلاحيت موجود آه?? انهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.