اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ اجلاس ۾ پنجاب ۽ خ??بر??ختونخوا جي خوراڪ واري صوبائي وزيرن سميت خوراڪ جي صوبائي سيڪريٽري ۽ ايس ايم بي آر جا ميمبر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ خ??بر??ختونخوا کي ڪڻڪ جي فراهمي جي معاملي تي غور ڪيو ويو، اسپيڪر چيو ته خ??بر??ختونخوا کي ضرورت موجب ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪي پي ڪي جي خوراڪ واري وزير چيو ته هلندڙ سال خ??بر??ختونخوا ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ان جي ضرورت کان گهٽ آهي ، پنجاب جي خوراڪ واري وزير خاطري ڪرائي ته خ??بر??ختونخوا ۾ ڪڻڪ جي ضرورت پورو ڪرڻ ۾ مڪمل تعاون ڪنداسين.