اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) حڪومت کنڊ بحران بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ارب رپين جا ريفنڊ ورتا، ڪميشن کنڊ بحران جو ذميوار ريگيوليٽر کي قرار ڏن?? آهي، ريگيوليٽر جي غفلت جي ڪري کنڊ بحران پيدا ٿيو ۽ قيمت وڌي، وفاقي ڪابينا ريڪوري ڪري پئسا عوام کي واپس ڪرڻ ۽ نظام کي فعال ۽ ادارن کي متحرڪ ڪرڻ ج?? منظوري ڏن?? آهي، شهباز شريف فيملي جي شگر ملز ۾ ڊبل رپورٽنگ جا ثبوت مليا آهن، سنڌ حڪومت اومني گروپ کي سبسڊي ڏئي فائدو پهچايو، جي ڊي ڊبليو گروپ غيرقانوني طور تي ڪرشنگ ۾ اضافو ڪيو ۽ ڊبل بلنگ ۽ اوور انوائسنگ ۾ ملوث ڏٺي وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي احتساب ??ار?? خاص معاون شهزاد اڪبر اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏن?? جنهن مان 10 ارب رپيا ريفنڊ ورتا ويا، اهڙي طرح گذريل 5 سالن ۾ ڪل ٽيڪس 10 ارب رپيا ڏن?? ويو، افغانستان کي برآمد ڪئي ويندڙ کنڊ جي ادائيگي ٽي ٽي ذريعي ڪئي وئي، روانگي واپار جي مد ?? 58 ??يڪڙو کنڊ افغانستان کي ڏن?? وڃي ٿي، کنڊ جي قيمت ۾ هڪ رپيو اضافو ڪري 5.2 ارب رپيا منافعو ڪمايو وڃي ٿو.