اس??ام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي وڏا ڪاروباري موقعا ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ سهولت فراهم ??رڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ايندي ئي نوجوانن کي ڪاروباري ميدان ۾ اڳتي آندو وڃي، نوجوان ملڪ جو اثاثو آهن انهن تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪنداسين، ملڪي معيشت کي سنڀالڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار به اهم هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ خاص معاون عثمان ڊار سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي وڏا ڪاروباري موقعا ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ سهولت فراهم ??رڻ جو فيصلو ڪندي ڪامياب جوان پروگ??ام تحت ڏني ويندڙ رقم وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.