عمران خان توهان ملڪ ۾ دهشتگردي جا سهولتڪار آهيو: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته توهان ملڪ ۾ دهشتگردي جا سهولتڪار آهيو، پاڪستاني معيشت جو قاتل ۽ مهانگائي جو ڏوهاري تقريرن سان ڪڏهن به مظلوم نه ٿو بڻجي سگهي. عمران خان جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جنهن اين آر او ڏيڻ تي مجبور ڪيو انهي کي تاحيات ايڪسٽينشن ڏيڻ جي آفر؟ توهان تسليم ڪري ورتو ته چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي کي پنهنجي سياست جي ور چاڙهڻ چاهيندو هو.

مضمون کا ماخذ : loteria estadual
متعلقہ مضامین
مزید خبریں