اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪندڙ ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هي ملڪ کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي، عمران خان ملڪ ۾ انتشار چاهي ٿو، هي سمجهي ٿو ته گارين ۽ ڌمڪين سان پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائي وٺندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته عوام ان کان انهن جي ڪارڪردگي تي سوال نه پڇي، سازش جو بيانيو اختيار ڪري پنهنجي ڦرلُٽ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کان عوام جون نظرون نٿيون هٽائي سگهجن. عمران خان پاڪستان جي ساک کي ڪمزور ڪيو، دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا، پرڏيهي پاليسي تباهه ڪئي، نوجوانن سان ڪوڙ ڳالهايو، پاڪستان جي عوام جي معاشي تباهي ڪئي، اڄ پيٽرول، ڊالر تي مهانگائي جي شرح جٿي پهتي آهي، ان جو ذميدار عمران نيازي آهي، چار سال ڦُرلُٽ ڪندڙ نااهل ٽولو چار هفتا پهرين ايندڙ حڪومت کان سوال ڪري رهيو آهي، عمران نيازي کي سوال جو جواب ڏيڻو آهي، سوال ناهي پڇڻو، عمران خان ڪهڙي حيثيت سان خيبرپختونخوا جو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪري رهيو آهي؟ سيالڪوٽ جلسي جي لاءِ مذهبي ماڳ جي چونڊ ناقابل قبول آهي، تحريڪ انصاف کي ڪنهن جلسي ڪرڻ کان ناهي روڪيو، مسيحي برادري جي جذبن جو احترام ڪرڻ بدران هنن انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نالائق، نااهل، چور، ڪوڙو، ڪرپٽ، ڪارٽلز ۽ مافيا جو ٽولو چار سال اقتدار سان چنبڙيل رهيو، اقتدار تان وڃڻ کانپوءِ ٽي اپريل کان 12 اپريل تائين هن آئين شڪني ڪئي، آئين شڪني ۽ پارليامينٽ تي حملي جو واحد مقصد اهو هو ته اهي پنهنجي اقتدار سان چنبڙيل رهن، چاهي مهانگي هجي يا معاشي تباهي کين عوام سان ڪجهه اچي نه وڃي، هن چيو ته چار سالن تائين ڦُرلُٽ ڪندڙ نالائق ٽولو اڄ سوال انهن کان ڪري رهيو آهي جن وٽ چار هفتن کان حڪومت آئي آهي، وفاقي وزير چيو ته سيالڪوٽ جلسي جي لاءِ خيبرپختونخوا جي سرڪاري هيلي ڪاپٽر جو استعمال ڪيو پيو وڃي، هيلي ڪاپٽر ڪيس، بي آر ٽي، پشاور، مالم جبا سميت سمورا ڪيس پاڪستان جي عوام کي ياد آهن، عمران نيازي خيبرپختونخوا جو سرڪاري هيلي ڪاپٽر ڪهڙي حيثيت سان استعمال ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ان وٽ ڪوبه سرڪاري عهدو يا اهڙي ڪا پوزيشن نه آهي جو هو خيبرپختونخوا جو سرڪاري هيلي ڪاپٽر استعمال ڪري سگهي، سرڪاري وسيلا استعمال ڪري ادارن کي گاريون ڏنيون پيون وڃن،
هن چيو ته نااهل ٽولو ڪوڙا الزام لڳائي پنهنجي سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ وڌو، ميڊيا جو آواز بند ڪيو، صحافين کي گوليون هنيون، صحافين جي ڇوڪرين کي انهن جي گهرن ٻاهران اغوا ڪيو، چئن سالن تائين پنهنجي دور ۾ هنن اينڪرز جا پروگرام بند ڪيا، پنهنجي اقتدار دور ۾ هنن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي پارليامينٽ کي آرڊيننس جي ذريعي هلايو، هن چيو ته اهو ئي هيلي ڪاپٽر ڪيس آهي جنهن کي دٻائڻ ۽ سوال نه پڇڻ لاءِ هن خيبرپختونخوا ۾ احتساب ڪميشن کي تالو هنيو، نيب کي وفاق ۽ ٻين صوبن ۾ استعمال ڪيو ۽ پاڻ ڪالهه ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته آئون نيب کي انهن ماڻهن تي ڪيسز بنائڻ لاءِ استعمال ڪندو هئس، مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ نوجوانن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته اڄ خيبرپختونخوا ۾ عمران خان جي حڪومت کي 9 سال ٿي ويا آهن ۽ 9 سالن کان احتساب ڪميشن کي تالو لڳل آهي، احتساب ڪميشن کي تالو لڳائي هيلي ڪاپٽر ڪيس کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سيالڪوٽ جلسي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته سي ٽي آءِ بوائز هائي اسڪول ڊپٽي ڪمشنر ضلعي سيالڪوٽ کي 9 مئي تي خط لکيو ته چرچ گرائونڊ ۾ مسيحي برادري جي عبادت گاهه آهي، هتي جلسو نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته مسيحي برادري جو سيالڪوٽ جي اندر هڪ تاريخي پس منظر آهي، سيالڪوٽ جي ترقي ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ مسيحي برادري جو هڪ وڏو ڪردار آهي، مسيحي برادري سي آءِ ٽي گرائونڊ ۾ جلسي جي خلاف احتجاج ڪيو، مسيحي برادري جو چوڻ آهي ته هي اسان جي عبادت گاهه آهي، ان کانسواءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي جلسو رکيو وڃي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي چيو ويو ته هو جمنازيم اسپورٽس ۽ هڪ اسڪول جي اڱڻ جي جڳهه متبادل وٺي پر پي ٽي آءِ بدمعاشي، غنڊه گردي جي ذريعي چرچ جي جڳهه استعمال ڪرڻ لاءِ بضد آهي، پي ٽي آءِ اقتدار ۾ رهندي به اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، 9 مئي تي ٻڌايو ويو هو ته مسيحي برادري پنهنجي چرچ جي گرائونڊ ۾ جلسي جي اجازت نه ڏئي رهي آهي، اڄ تائين چرچ جي گرائونڊ ۾ ڪا به سياسي سرگرمي ناهي ٿي، هن چيو ته حڪومت جو فرض آهي ته مسيحي برادري جي حقن کي تحفظ فراهم ڪري، هن چيو ته ڊي سي آفيس چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي جلسي جي جڳهه تبديل ڪري پر انهن جي روين ۾ ڳالهه ڪرڻ جي گنجائش نه آهي، اهي سمجهن ٿا ته گار ۽ ڌمڪي ڏئي پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائي وٺنداسين، وفاقي وزير چيو ته مسيحي برادري احتجاج ڪيو، درخواست ڪئي ته جلسي جي جڳهه تبديل ڪئي وڃي پر اهي اعلان ڪري رهيا آهن ته آئون اچي رهيو آهيان، کيس ڪير اچڻ کان روڪي رهيو آهي، هن پهرين به جلسا ڪيا آهن، ڪنهن به ناهي روڪيو، اسان نه فاشٽ آهيون نه توهان جي تقريرن کان ڊڄون ٿا، جيترو توهان گند ڪندا ۽ جيترو ڪوڙ ڳالهائيندا ان جو سڌو فائدو اسان جو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام سندس اصليت ڄاڻي چڪي آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف کي ڪنهن جلسي ڪرڻ کان ناهي روڪيو، مسيحي برادري جي جذبن جو احترام ڪرڻ بدران هنن انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، تحريڪ انصاف ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿي، گهرو وزير طور عوام جي تحفظ جي ذميداري راڻا ثناءُ الله تي آهي،
اسلام آباد لانگ مارچ جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن کي به خوني مارچ ڪرڻ جو حق حاصل نه آهي، خوني مارچ جون ڳالهيون ڪيون وينديون ته راڻا ثناءُ الله جي ذميداري آهي ته هو عوام کي تحفظ فراهم ڪري، هن چيو ته عمران خان نوجوانن سان ڪوڙ ڳالهايو، پاڪستان جي عوام جي معاشي تباهي ڪئي، بي روزگاري ڪئي، عمران خان کي سوال جو جواب ڏيڻو آهي، سوال ناهي پڇڻو، هن چيو ته عمران خان چئن سالن ۾ ملڪي معيشت جي تباهي ڪئي، ڊالر جي قيمت 189 تي ڇڏي ويو، ان فنڊڊ پيٽرول سبسڊي ڏني جنهن جي ڪابينا ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي کان منظوري نه ورتي وئي، هن چيو ته جڏهن عمران خان کي خبر پئي ته سندس خلاف بي اعتمادي رٿ اچي رهي آهي ۽ اتحادي کيس ڇڏي وڃي رهيا آهن ته هن غير قانوني سبسڊي ڏني، اڄ پيٽرول، ڊالر ۽ مهانگائي جي شرح جٿي پهتي آهي ان جو ذميدار عمران خان آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيح عمران خان ڪئي، وفاقي وزير چيو ته جڏهن نواز شريف کي اقامه تي ڪڍيو ويو ته ان وقت ڊالر جي قيمت 105 روپيا هئي، جڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ختم ٿي ته ان وقت ڊالر جو قدر 118 روپيا هو ۽ جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ٿي ته ڊالر جي قيمت 189 روپيا هئي، وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ مسلم ليگ جي حڪومت ۾ مهانگائي جي شرح 3.9 سيڪڙو هئي پر جڏهن عمران خان اقتدار ڇڏي ويو ته مهانگائي جي شرح 13 سيڪڙو هئي، عمران خان چوندو هو ته آئون پٽاٽي ۽ ٽماٽي جا اگهه ڏسڻ ناهيان آيو، ڊالر جي قيمت ۾ جڏهن اضافو ٿيندو آهي ته چوندو آهي ته ٽي وي تان خبر پئي ته ڊالر جي قيمت وڌي وئي آهي، هن چيو ته فوڊ ايٽمز تي سڀ کان گهٽ مهانگائي جي شرح 2018ع ۾ 2.3 سيڪڙو هئي جڏهن ته گذريل چئلن سالن ۾ اها شرح 2.3 سيڪڙو کان وڌي 15 سيڪڙو تائين ٿي وئي، هن چيو ته جڏهن کيس خبر پئي ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ واري آهي ته هي بارودي سرنگون وڇائي ويو، ان سان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي حڪومت عوام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته اٽو 35 روپيا في ڪلو نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ هو، گذريل چئن سالن ۾ 90 روپيا ۾ اسمگل ٿي ٻين ملڪن ڏانهن ويو ۽ پوءِ امپورٽ ٿي پاڪستان آيو، کنڊ جي قيمت 52 روپيا في ڪلو اسان جي دور ۾ هئي، 120 روپيا في ڪلو کنڊ عورتون رمضان بازار ۾ قطارن ۾ ۽ اڱوٺو لڳائي خريد ڪنديون رهيون، 2018ع ۾ جڏهن اسان حڪومت ڇڏي وياسين ته اٽو ۽ کنڊ ايڪسپورٽ ٿي رهيا هئا،
هن چيو ته عمران خان کنڊ جي کوٽ ڪئي، مافياز ۽ ڪارٽلز کي فائدو پهچايو، کنڊ برآمد ڪئي وري درآمد ڪئي، اهڙي طرح کنڊ جو اگهه 52 روپين کان 120 روپيا ڪلو تائين پهتو، هن چيو ته عمران خان چئن سالن ۾ معيشت کي تباهه ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 1947ع کان 2018ع تائين 25 هزار ارب روپيا قرض هو، گذريل ساڍا ٽن سالن ۾ ڊسمبر 2021ع تائين 43 هزار ارب روپين تي پهچي ويو آهي، جنوري کان مئي جي مهيني جي ڊيٽا اڃان باقي آهي، اهو ملڪي تاريخ جو تيز ترين ۽ وڌيڪ ورتل قرض آهي، هن چيو ته انهن نالائقن ۽ ڪوڙن اسان جي منصوبن تي تختيون لڳايون، 2018ع کان وٺي 2022ع تائين هنن هڪ سر به ناهي لڳائي، خيبرپختونخوا ۾ 9 سالن کان اقتدار ۾ آهن ۽ هڪ اسپتال به ٺاهي سگهيا، دوائون پنج سئو سيڪڙو مهانگيون ٿيون، هن چيو ته گيهي جي قيمت 140 روپين کان 600 روپين تائين انهن جي دور ۾ ٿي، مريم اورنگزيب چيو ته معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪندڙ چوي ٿو ته ان کان بهتر هو ته ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏين ها، هي ان ملڪ کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي جنهن پنهنجي خودداري ۽ پنهنجي قومي سلامتي لاءِ قربانيون ڏنيون، هن چيو ته چار هفتا پهرين تائين ان ملڪ جي وزيراعظم جي ڪرسي تي ويٺل ماڻهو اڄ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ان ڪرسي تي ويهي پاڪستان جي عوام جي خلاف سازش ڪئي پئي وئي، هن چيو ته 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بجلي جي قيمت 11 روپيا في يونٽ هئي، اسان 14 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهي ڏيکاري، عمران خان جڏهن حڪومت ڇڏي ويو ته 24 روپيا في يونٽ بجلي هئي، هڪ ميگاواٽ بجلي به هنن نه ٺاهي، هنن بجلي پلانٽس جي مرمت نه ڪئي، لوڊشيڊنگ جي عذب ۾ عوام کي مبتلا ڪيو، عمران خان بجلي جي قيمت 11 روپيا في يونٽ مان وڌائي 24 روپيا في يونٽ ڪئي، گئس جي قيمت 600 روپين کان وڌائي 2400 روپيا ڪئي، اهي انهن جا اعمال آهن جنهن جو نتيجو عوام ڀوڳي رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته ڊي اي پي جي ٻوري جي قيمت 2400 روپين مان وڌي 10 هزار روپيا ٿي وئي، انهن جي دور ۾ آبادگارن کي ڊي اي پي به نه ملي رهي هئي، هن آبادگارن جو گلو دٻايو، ڪاروبار بند ڪيا، ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته اسان جي پيداوار وڌيڪ ٿي، هن ڪارٽلز ۽ مافياز کي منافع ڏنو، ڪاغذ لهرائي سازش جو بيانو اختيار ڪري پنهنجي بدترين ڪارڪردگي ۽ ڦُرلُٽ تان عوام جون نظرون نٿيون هٽائي سگهجن. مريم اورنگزيب چيو ته مذهب ۽ رياست مدينه جو نالو استعمال ڪري ۽ مخالف ڌر کي موت جي سزا جي چڪين ۾ وجهي سياست ڪرڻ سندس چار سالن تائين وطيرو رهيو آهي. هن پاڪستان جي عوام جو روزگار کسيو، مهانگائي جو بار وڌو ۽ اڄ چئي رهي آهي ته آئون اچي رهيو آهيان، کيس شرم اچڻ گهرجي، کيس شيشو ڏسڻ گهرجي ته جيئن پنهنجو اصل چهرو ڏسي سگهي، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جا ذميدار اهي ماڻهو آهن، هن چيو ته اسان پاڪستان کي ايمرجنگ بزنس حب بڻايو هو جنهن ۾ ترقي 6 سيڪڙو تي اچي وئي هئي، پر عمران نيازي پنهنجي چئن سالن ۾ پاڪستان کي ترقي کان تباهي طرف ڌڪيو، سي پيڪ تي تڪراري بيان ڏئي چين کي ناراض ڪيو، سي پيڪ جا منصوبا پاڪستان جي عوام لاءِ هئا، هن چيو ته دوست ملڪن کان مليل تحفا هن چوري ڪيا، توشا خانه کان گهٽ قيمت تي ڪيترائي تحفا هن حاصل ڪيا، هن 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، کيس پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي وجهڻ گهرجي، هن چيو ته شهباز شريف اقتدار ۾ اچي چئن سالن کان بند منصوبن کي هلايو، اسان وٽ صلاحيت به آهي، ۽ ٽيم به آهي، اسان 2013ع کان 2018ع تائين ملڪ ۾ مهانگائي کي گهٽ ڪيو، ڊالر جي قدر کي مستحڪم ڪيو، هن چيو ته عوام عمران خان کان ان جي ڪارڪردگي تي سوال پڇي رهي آهي، معاشي تباهي ۽ عوامي تباهي جو ذميدار عمران خان آهي، ملڪ سان افسوسناڪ مذاق ڪيو ويو، ملڪ جي اندر روايتن کي تباهه ڪيو ويو، 3 اپريل کان 11 اپريل جي آئين شڪني تي کيس جواب ڏيڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته عوام جي خوش قسمتي آهي ته ان وقت اهڙي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي جنهن ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي موجود آهي، ميڊيا سميت اسان کي گڏجي ملڪي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي ڪجهه طبقن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، نوجوانن کي عمران خان کان سوال پڇڻ گهرجي ته سندس خلاف سازش ڇو ٿي رهي هئي؟ ڇا سندس دور ۾ معيشت 8 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهي هئي، ڇا هو سي پيڪ ٽو کي اڳتي وٺي آيو هو ته سازش ٿي رهي هئي،
هن چيو ته عمران خان ته آمريڪا کان ورلڊ ڪپ کٽي آيو هو، هو مودي جو ڪمپين مينيجر هو، چوندو هو ته مودي اليڪشن کٽي اچي ويو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو، عمران خان ڪشمير فروشي ڪئي، هڪ سوال تي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته لنڊن دوري جي حوالي سان ڪيتريون ئي قياس آرايون ٿي رهيون آهن، هي مسلم ليگ (ن) جو نجي دورو هو، اسان جي پارٽي پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي، اسان مشاورت ڪندا آهيون، مشاورت جي لاءِ اهو دورو ٿيو، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جو پيٽرول تي ان فنڊڊ سبسڊي ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدي جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهه ٿي ته ڪهڙي طرح ان جي اثرن کان عوام کي محفوظ بڻائڻو آهي. هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ کنڊ جي قيمت 52 سيڪڙو تي برقرار رهي، گئس ۽ بجلي جي صورتحال ۾ به نمايان بهتري آئي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف تعزيت لاءِ متحده عرب امارات ويو آهي، هن چيو ته اسان پي ٽي آءِ کان وڏو جلسو ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا، فوٽو شاپ ڪري پي ٽي آءِ جا جلسا ماڻهن کي ڏيکاريا پيا وڃن، هن چيو ته صوابي، شانگله ۽ اٽڪ ۾ عوام بيانو ڏٺو آهي، اسان جو بيانو صرف پاڪستان جي عوام کي رليف ڏيڻ آهي، پاڪستان جي عوام عمران خان کان سوال پڇي رهي آهي، عمران خان پاڪستان جي ساک کي ڪمزور ڪيو، دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا، پرڏيهي پاليسي تباهه ڪئي، هن چيو ته ووٽ ان کي ملندو جيڪو پاڪستان جي عوام کي روزگار ڏيڻ ڄاڻيندو هجي، ترقي ڏيڻ ڄاڻيندو هجي، هن چيو ته اسان وٽ ٽيم به آهي ۽ صلاحيت به، هڪ سوال تي هن چيو ته 3 اپريل کان 12 اپريل تائين آئين شڪني ڪئي وئي، پارليامينٽ تي حملو ڪيو ويو، هڪ ماڻهو پنهنجي ضد جي خاطر پوري ملڪ کي يرغمال بڻايو هو، ڪڏهن اسپيڪر، ڪڏهن ڊپٽي اسپيڪر ۽ ڪڏهن صدر کان آئين شڪني ڪرائي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سموريون قراردادون ۽ فيصلا ريورس ٿيا، هن چيو ته ڪو عنصر جيڪو آئين تي حملو ڪرڻ جو سوچي يا حڪم ڏي ان سان قانون موجب منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران جيڪي زيادتيون ٿيون انهن کي ورجائڻ اسان جو مقصد نه آهي، هر فيصلو اتحادي پارٽين جي مشاورت سان ٿيندو، شهباز شريف قوم کي خطاب به ڪندو ۽ سمورا اعلان ڪندو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ نيب نيازي ڳٺ جوڙ هئي، نيب ڪنهن کي گرفتار ڪندي هئي ته ٻن ڏينهن پهرين ان جو اعلان ڪيو ويندو هو ته نيب پرين فلاڻي ماڻهو کي گرفتار ڪندي، هن چيو ته اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي نيب کي يرغمال بڻائي رکيو ويو هو.