قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سان وفاقي وزير خرم دستگير جي مُلاقات

image

اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني سان توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخوا خاص طور تي ڏکڻ ضلعن ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ ۽ توانائي جي شعبي ۾ ٻين مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. توانائي واري وزير ڊپٽي اسپيڪر کي ڊپٽي اسپيڪر جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو بنا وقفي بجلي جي فراهمي موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں