اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري آفيسرن پاران عوامي شڪايتن کي وقت سر حل نه ڪرڻ تي سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ غيرسنجيده ۽ موثر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيسرن ??ي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آه??. و??يراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي ماتحت 1586 آفيسرن ??ي ڊيش بورڊ جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وزيراعظم پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 263 آفيسرن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي وارننگ، 7 سرڪاري آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪ??ا ويا آهن. وزيراعظم آفيس پاران 833 آفيسرن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 111 آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آه??. و??يراعظم آفيس 403 سرڪاري آفيسرن ??ي ڪارڪردگي کي ساراهيو. رپوٽ موجب اطلاعات، زراعت، ايڪسائيز ۽ آبپاشي سيڪريٽري کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جو خط جاري ڪ??و ويو آه??. و??ضح رهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري آفيسرن ??ي ناقص ڪارڪردگي جو نوٽيس ورتو هو.