اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ڊولپمينٽ منصوبي تي ??ڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته منصوبي جي طئي ٿيل هدفن کي ??قرر وقت ۾ پورو ڪيو وڃي ۽ ماحولياتي ??حفظ جي سمورين قانوني گهرجن کي ??ورو ڪندي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي تي ??ڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.