اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته ڪش??يري عوام سان عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جيڪو واعدو ڪيو اهو اڃا تائين وفا ناهي ٿيو، والاريل ڪش??ير جا ماڻهو ڪارن قانونن، مواصلاتي مشڪلاتن ۽ بنيادي حق ختم ٿيڻ جي باوجود پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن، هندستان جي ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود ڪش??يري عوام جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، اسان کي ڪش??ير مسئل?? تي سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي هڪ زبان ٿي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر جي قيادت پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ ڪش??ير مسئل?? تي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، موجوده حڪومت ڪش??ير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، جيستائين گڏيل قومن جي قراردادن موجب اهو مسئلو حل نٿو ٿئي، پاڪستان ڪش??يري عوام سان گڏ بيٺل رهندو. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قر??شي چيو ت?? اختلافن جي باوجود ڪش??ير مسئل?? تي اسان جي يڪسوئي آهي، اسان جو موقف هڪ آهي، اسان جي منزل هڪ آهي، ان جو عملي ثبوت اهي گڏيل قراردادون آهن جيڪي اسان جي پارليامينٽ منظور ڪيون آهن.