لاهور – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف چ??و آهي ته ڀارت جي توسيع پسنداڻي ارادن سان خطي کي خطرا آهن، عالمي امن جي لاءِ پاڪستان جون قربانيون ڪنهن کان لڪيل نه آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت انسانن سان جانورن وارو سلوڪ ڪري ره??و آهي اسان کي خبر آهي ته ڪشمير ۾ ڪهڙيون حالتون آهن، پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهي، اقتصادي لنگهه خطي جي ترقي جو منصوبو آهي. هو لاهور پريس ڪ??ب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائي رهيو هو.