اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جي 445 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض ??ڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ ڪووڊ 19 جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جا 23 هزار 441 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 6 هزار 389، پنجاب ۾ 9 هزار 938،خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 167، اسلام آباد ۾ 3 هزار 65، بلوچستان ۾ 454، گلگت بلتستان ۾ 350، آزاد ڪشمير ۾ 178 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 79 هزار 561 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورو??ا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته ??ڄي ملڪ ۾ ڪورو??ا جي مريضن جي لاءِ مختص هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 114 مريض آهن، هن وقت ??ڄي ملڪ ۾ گذريل24 ڪلاڪن دوران ڪورو??ا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 803 آهي، هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ ڪورو??ا جي مريضن جو تعداد 2 لک 94 هزار 638 آهي.