لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته ٻه سال تمام مشڪل سان گذاريا آهن، ملڪ تباهه حا?? ۾ ??لي?? جنهن کي هلائڻ اسان جي لاءِ وڏي معرڪي کان گهٽ نه هو، جڏهن به ڪو ملڪي مسئلو درپيش آيو ته اين آر او گهرندڙ گوڙ شروع ڪري ڇڏين ٿا، ڪورونا جي خاتمي لاءِ سڀني محنت ڪئي ۽ الله تعاليٰ اسان کي ان عذاب کان بچائي ورتو جڏهن ته انسان جو ڪم ڪوشش ڪرڻ ??هي هاڻي جيڪڏهن اسان احتياط نه ڪيو ته اها ناشڪري هوندي، هر مشڪل کانپوءِ آساني هوندي ??هي ۽ هاڻي پاڪستان تي اهو و??ت اچي ويو ??هي جنهن جا اسان واعدا ڪيا هئا، انهن کي اسان پڄاڻي تي پهچائي سگهون، لاهور باغن ۽ گلن جو شهر سڏرائيندو ه?? جنهن جي خوبصورتي ۽ حسن هن شهر کي ٻيڻو خوبصورت ڪري ڇڏيندو هو ۽ ماڻهو نلڪن مان ان وقت مٺو پاڻي پيئندا هئا، آلودگي جو ڪو تصور نه هو، ماڻهو صاف سٿري شهر ۾ صحتمند زندگي گذاري رهيا هئا پوءِ آهستي آهستي شهر پکڙجندو و??و، آبادي وڌندي وئي ۽ آلودگي ۽ گندگي باغن ۽ خوبصورتي جي جڳهه وٺي ڇڏي، پاڻي هيٺ هليو و??و جڏهن ته گذريل 15 سالن کان پاڻي 8 سئو فوٽ هيٺ وڃي چڪو آهي، سرسبز سان ڀپرور زمين ختم ٿي وئي، آبادي جي ڦهلاءُ جي ڪري پهريون ڀيرو اسان کي ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ لاهور آهستي آهستي تبديل ٿي ويو. هو شاهدره جي علائقي ۾ راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم کي منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي جڏهن ته وزيراعظم منصوبي جو باقاعده افتتاح پڻ ڪيو. وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته راوي درياءَ پنهنجي خوبصورتي ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو جيڪو هاڻي سڪڙجي سيوريج نالو بڻجي چڪو آهي، اسان جي حڪومت مشڪل منصوبي راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ کي پڄاڻي تي پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي، اهو پراجيڪٽ لاهور کي بچائڻ جو منصوبو آهي، ان سان زمين هيٺ پاڻي جي سطح بلند ٿيندي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ لاهور ڪراچي جهڙن خطرناڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو نه پوندو. وزيراعظم چيو ته هن وقت ضرورت ??هي ته هڪ اهڙو شهر ٺاهيو وڃي جيڪو جديد طرز جو هجي جنهن ۾ سموريون سهولتون موجود هجن ۽ اهو منصوبابندي تحت ٺاهيو وڃي، راوي سٽي اسلام آباد کانپوءِ پاڪستان جو ٻيو منصوبابندي وارو شهر ??هي جنهن ۾ 13 شهر آباد ٿيندا جڏهن ته هڪ ڪلوميٽر وسيع ۽ 46 ڪلوميٽر ڊگهي ڍنڍ پڻ ان ۾ شامل هوندي، ڄاڻايل پراجيڪٽ 1 لک 10 هزار ايڪڙ تي ٻڌل هوند?? جنهن کي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ 60 لک ٻوٽا هنيا ويندا، جڏهن ته شهر جي گندي نالن جي پاڻي کي ٽريٽ ڪري درياءَ ۾ ڇڏيو و??ندو، جنهن سان پاڻي جي زمين هيٺ سطح بلند ٿيندي. هن چيو ته راوي سٽي لاهور کي بچائن جو 60 هزار ارب رپين جو منصوبو ??هي جنهن ۾ پرائيويٽ پارٽنرشپ پڻ شامل آهي.