اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ان فلسطيني رياست جو خواهشمند آهي جيڪا 1967ع کان اڳ هئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هو، ان تي ڳڻتي ۽ ابهام جي ڪا گنجائش نه آهي، ڪشمير تي اسان جو موقف اهو ئي آهي جيڪو ماضي جي حڪومتن ??و هو، ان تي قومي اتفاق راءِ آهي، پارلياماني اتفاق راءِ جي ??اءِ هڪ پارلياماني ڪشمير ڪميٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي پاڪستان تسليم نه ٿو ڪري، ڀارت جي سلامتي ڪائونسل جي ??ستقل ميمبر بڻجڻ جو سوال ئي نه آهي، غيرمستقل ميمبر پاڪستان ۽ ڀارت 7، 7 ڀيرا رهيا آهن هاڻي ڀارت جڏهن ته 2026ع ۾ پاڪستان اٺون ڀيرو غيرمستقل ميمبر جي ??هم شروع ڪري رهيو آهي. قومي اسي??بل?? ۾ خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آئون واضح ط??ر تي چوان ٿو ته جن خدشن جو اظهار خواجه آصف ڪيو آهي انهن ۾ ڪا حقيقت نه آهي. اهو چيو ويو ته عرب ملڪن جي ??وقف ۾ تبديلي آئي آهي، پاڪستان مسلمان ملڪن جي اثر هيٺ اچي ڪٿي پنهنجي ??اليسي تي نظرثاني نه ڪري رهيو ه??ي ته ائين هرگز نه آهي.