اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته مخالف ڌر پاران شگر ڪم??شن رپورٽ رد ڪرڻ سان ان کي سنند ملي وئي آهي، اسان جي پارٽي مان جنهن به فائدو کنيو سڄو اڇو چٺو عوام آڏو ر??ي ڇڏيو، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪارروائي تيز ٿيندي، گذريل 5 سالن ۾ 29 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مخالف ڌر کي شايد شگر ڪم??شن جي رپورٽ انگريزي ۾ هجڻ جي ڪري سمجهه ۾ نه آئي، گذريل 5 سالن ۾ کنڊ تي 29 ارب رپين کا?? وڌيڪ سبسڊي ڏني وئي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ 26 ارب 60 ڪروڙ رپين جي سبسڊي ڏني وئي.