اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف اڄ لنڊن کان آمريڪا پهچندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ ملڪه برطانيا جي آخري رسمن ۾ شرڪت ??ان??وءِ نيويارڪ پهچندو. نيويارڪ ۾ موجودگي دوران وزيراعظم ??ي ٻين ملڪن جي اڳواڻن اهم ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم ??هباز شريف جي فرانس جي صدر ايمانوئيل مينخوان سان ملاقات ٿيندي. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم ??هباز شريف جي آسٽريا جي چانسلر ۽ اسپين جي صدر سان پڻ ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم ??هباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم ??هباز شريف گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. گلوبل فوڊ سيڪيورٽي سمٽ جو اهتمام سينيگال ۽ آفريقي يونين جي صدر ڪيو آهي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم ??هباز شريف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرستالينا جورجيوا، ورلڊ بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپس سان ملاقات ٿيندي. ترڪيه جي صدر رجب ط??ب اردوان کانسواءِ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان پڻ وزيراعظم ??هباز شريف جي ٻطرفي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم ??هباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ملاقات ٿيندي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم ??هباز شريف آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ??هباز شريف 21 سيپٽمبر تي ترڪيه جي صدر ۽ سندس گهرواريءَ جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. وزيراعظم ??هباز شريف جي فن لينڊ جي صدر سعالي نوسيتو سان ملاقات ٿيندي. 22 سيپٽمبر تي وزيراعظم ??هباز شريف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم ??هباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم ??ي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ، جاپان جي وزيراعظم فيوميو ڪاشيڊا، ليگزمبرگ جي وزيراعظم ??يوئير بيٽل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم ??هباز شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم ??سماعيل صابري يعقوب سان پڻ ملاقات ٿيندي. 23 سيپٽمبر تي وزيراعظم ??هباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمب??ي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم ??ي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان پڻ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم ??وري دوران ناليواري آمريڪي اخبار ۽ ميڊيا کي انٽرويوز پڻ ڏيندو.