واشنگٽن-06 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيھي وزير انٽوني بلنڪن چيو آھي ته غزه جنگ بندي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ٻنھي ڌرين تي ٻڌل آھي ۽ آمريڪا کي اميد آھي ته ايندڙ ڏينھن ?? ان جو هاڪاري جواب ملندو. پرڏيهي ??داري جي رپورٽ مطابق ھن ھيٽي جي دوري دوران صحافين سان ڳالھيندي چيو ته ھن وقت ٻنھي ڌرين جي مسئلن کي ٻڌڻ وقت جي گهرج آھي ۽ اسان ان ڪوشش ۾ سڀ کان پھريان مصر ۽ قطر سان سرگرم ڳالھيون ڪري رھيا آھيون. ھن وڌيڪ چيو ته اسان کي اميد آھي ته ايندڙ ڏينھن ۾ اسان ٻنھي ڌرين سان سھڪار ڪنداسين.