راولپنڊي 09 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه اي اين ايف هيڊ ڪ??ارٽرز راولپنڊي جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ڊائريڪٽر جنرل اي اين ايف ميجر جنرل عبدالمعيد، حلال امتياز ( ملٽري ) ان موقعي تي سندس استقبال ڪيو. وفاقي و??ير کي اي اين ايف پاران سال 2024ع دوران منشيات جي اسمگلنگ خلاف حاصل ڪيل ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني و??ي. وفاقي و??ير منشيات اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ اي اين ايف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ملڪ ۾ منشيات جي استعمال جي وڌندڙ رجحان ۽ درپيش مسئلن جو تدارڪ ڪندي اي اين ايف جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. آخر ۾ وفاقي و??ير تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ نوجوان نس?? کي منشيات فروشي ۾ ملوث عنصرن خلاف اي اين ايف جي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.