اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چي?? آهي ته پاڪستان هن سال گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي يورپ ۾ پنهنجي حصيدارن ??ان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکي، ا??ان جو ڌيان اقتصادي تعاون کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪرڻ ۽ اعليٰ تعليم ۽ روزگار جا موقعا ڳولڻ تي مرڪوز رهيو. پريس بريفنگ ۾ هن چي?? ته ڪيترن ئي يورپي ملڪن ??ان ليبر مائيگريشن، پائيدار بنيادي ڍانچي جي منصوبن، سول ايوي ايشن ۾ فني تعاون ۽ گرين پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ تي اهم مفاهمتون طئي ٿيون. ترجمان چي?? ته يورپي يونين پاڪستان انٽرنيشنل ??يئ??لائينز (پي آءِ اي) تي هنيل چار سالن جي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن ک??نپوءِ پي آءِ اي جي يورپ جون لاءِ اڏامون بحال ٿي ويون آهن. هن چي?? ته پاڪستان وسيع تر خطي ۾ پڻ اڏامن جي بحالي جي لاءِ غيريورپي يونين جي ملڪن ??ان مصروف عمل آهي.