اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڳ??پن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل ??هن?? پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳ??پن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ بنگلاديش جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشن?? محمد روح العالم صديق وزيراعظم محمد شهباز شريف سان الوداعي م??اق??ت ڪئي. بنگلاديشي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ پنهنجو چار سالن جو مدو پورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ بنگلاديش لاڳ??پن جي فروغ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي شاندار خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڳ??پن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽ?? محمد يونس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳ??پن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ قيام دوران کيس فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.