اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان افغانستان جي ناظم الامور سردار احمد شڪيب پرڏيهي آ??يس ۾ ملاقات ڪئي. هن پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گهري لاڳاپ?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل فائديمند لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. افغانستان بابت خصوصي نمائندي سفير محمد صادق پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي.