اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چوري
۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ شگر ملن خلاف سخت ۽ بنا فرق جي ڪارروائي جي
هدايت ڪندي چيو آه?? ته ايف بي آر جي ڊجيٽائيزيشن لاءِ کنيل قدمن سان قومي
خزاني کي اربين روپين جو فائدو پهچندو، ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾
آڻڻ جا حڪم ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي،
ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي ايف بي آر جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ
حڪومت جي پهرين ترجيح آه??. ڪالهه وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان
جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ محصولن ۾
بهتري لاءِ قدمن جي حوالي سان اهم جائزي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وز??راعظم
کي شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس لڳائڻ ۽ نگراني تي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ذريعي ايف بي آر جي
ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آه??. وز??راعظم
محصولن جي وصولي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان
سخت قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس لڳائڻ
کانپوءِ محصولن ۾ وصولي ۾ بهتري ايندي. ??نه?? سڌارن سان کنڊ جي ذخيره
اندوزي جو خاتمو ٿيندو ۽ قيمتن ۾ توازن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وز??راعظم چيو
ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آه?? ته عوام کي سستي اگهه ۾ کنڊ جي فراهمي
يقيني بڻايون، کنڊ جي اسٽاڪ جي باقاعده نگراني ڪئي وڃي ته جيئن کنڊ
سپلائي چين متاثر نه ٿئي. وز??راعظم ٽيڪس چوري ۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙن شگر
ملن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جي هدايت ڪندي ايف بي آر جي
ڊجيٽائيزيشن لاءِ کنيل قدمن سان قومي خزاني کي اربين روپين جو فائدو پهچندو.
وزيراعظم ايف بي آر ويليو چين جي مڪمل ڊجيٽائيزيشن جي ڪم کي جلد کان
جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ
جا حڪم ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم سيمنٽ ۽ ٽوبيڪو انڊسٽري کي وڊيو ايناليٽيڪس جو ڪم به جلد کان
جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي
احمد چيمه، سڌ سماءَ واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، ناڻي واري مملڪتي
وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.