اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وز??رت چيو آهي، ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان پروگرام تي عملدرآمد ??اري آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد مستحڪم، پائيدار ۽ عالمي معاشي ترقي جو بنياد آهي. ناڻي وز??رت پاران گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته حڪومت آءِ ايم ا??ف سان طئي ڪيل هدفن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي، آءِ ايم ا??ف سان ويجهي رابطي ۽ مشاورت سان 37 مهينن تي ٻڌل پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويندو. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد ??ورنگزيب قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي تازي اجلاس کي بريفنگ دوران معيشت جي استحڪام جي سلسلي ۾ سڌارن تي سختي سان ڪاربند رهڻ جي تسلسل جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير ملڪ جي ديرپا ۽ مستقبل جي معاشي استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي اهم اهميت جو به ورجاءُ ڪيو. ناڻي وز??رت طرفان پاڪستان جي معاشي مستقبل لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي اهميت ۽ ان تي عملدرآمد ??ي ورجاءُ جي قومي پريس ۾ به ڀرپور عڪاسي ٿي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد ۾ هٿ ٺوڪين ڏکيائين جي حوالي سان قياس آرائيون انفرادي جدت جي عڪاسي ۽ معتبر ثبوت کان انڪاري آهن، حڪومت معاشي استحڪام برقرار رکڻ ۽ شفافيت سان آءِ ايم ا??ف سان طئي ٿيل هدفن تي پورو ڌيان ڏئي رهي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته آءِ ايم ايف پروگرام تي ??مل درآمد هڪ مستحڪم، پائيدار ۽ عالمي معاشي ترقي جو بنياد آهي.