اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽري??يا خلاف ??ن ڊي انٽرنيشنل سيريز کٽ?? تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته قوم لاءِ هي انتهائي خوشي جو موقعو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم چيو آهي، ته پاڪستان جي بالرز ۽ بيٽسمينز آسٽري??يا خلاف بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. 22 سالن کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽري??يا خلاف ??ن ڊي انٽرنيشنل سيريز ۾ سندن ئي ملڪ ۾ سرخرو ٿي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن سيريز ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سمورن رانديگرن ۽ مينجمينٽ جي محنت شا??ل آهي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ان ڪاميابي جي پوري ريت حقدار آهي.