اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک برادري کي مبارڪون ڏنيون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ??ان جاري بيان ۾ اسپيڪر چيو ته بابا گرونانڪ انسانيت سان محبت، امن، ڀائيچاري ۽ برابري جو درس ڏنو، هو مذهبي رواداري، بي?? المذاهب هم آهنگي ۽ امن جي حمايت ڪندڙ هو. سردار اياز صادق چيو ته بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا. پاڪستان جو آئين اقليتن کي پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ ۽ مذهبي رسمون ملهائڻ جي مڪمل آزادي ڏي ٿو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين اقليتن کي برابر حق حاصل آهن. سک برادري سان تعلق رکندڙ پاڪستانين جو ??لڪ?? تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي.