لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سک ياترين لاءِ اسان ??ا دروازا هميشه کُليل آهن، سک برادري جي ويزائن جا مسئلا حل ڪيا ويا، سک ياترين لاءِ پاڪستاني ويزا فيس نه هوندي، ايندڙ سال ڪرڪيٽ چيمپئن ٽرافي ۾ ڀارتين لاءِ اسپيشل ڪوٽا رکي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آمريڪا مان ??يل 44 رڪني سک ياترين جي وفد سان هتي اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڊاڪٽر دلوير سنگهه پنون، سرجيت سنگهه هوٿي ۽ ٻين ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان ??يل سک برادريءَ کي مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو پر ڪجهه عرصي ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ سک برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان ??چڻ جي خواهشمند سک ياترين کي ويزا اِشو جو مسئلو هوندو هو، اسان ??ک برادري جي سهولت لاءِ ويزائن کي آن لائن ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته آمريڪي، ڪئنيڊين ۽ يو ڪي پاسپورٽ رکندڙ سک برادري آن لائن فارم جمع ڪرائين ۽ 30 منٽن ۾ ويزا حاصل ڪن. آن لائن ويزا جي ڪا فيس ناهي، اها سهولت ڀارتي ڄاون آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ برطانيه ۾ ترسيل سک برادري لاءِ پڻ آهي. هن چيو ته سک برادري لاءِ وڌيڪ ??هولتون فراهم ڪرڻ اسان ??ي ترجيح آهي، اوهان ??ال ۾ 10 ڀيرا پاڪستان ??چو هر ڀيري اوهان کي ڀليڪار چونداسين. آن لائن ويزا لاءِ صرف فارم ڀرڻو آهي، ويزا 30 منٽن ۾ اوهان ??ي هٿن ۾ هوندو. محسن نقوي چيو ته جهڙيءَ طرح مسلمانن لاءِ سعودي عرب مقدس آهي اهڙيءَ طرح سک برادري لاءِ پاڪستان، جڏهن ته هتي سک برادري جي ٻين ماڳن کي پڻ کوليو ويندو، وزٽ لاءِ اجازت نامي جي ضرورت نه هوندي. هن واضح ڪيو ته حسن ابدال، ڪرتارپور، ننڪانه صاحب لاهور کان ??واءِ ٻين ماڳن تي به وڃي سگهو ٿا. ان ??لسلي ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن کي حل ڪنداسين. تازن ڏينهن ۾ پاڪستان ??ڪومت 124 ملڪن لاءِ ويزا ف??ي ڪئي آهي. آمريڪا ۾ آيل سک ياترين جي وفد مهمان نوازي تي وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته فري آن لائن ويزا سروس سان ??مام گهڻي سهولت ملي آهي. ان موقعي تي ناليوارو صنعتڪار ڪاشف اشفاق ۽ ٻيا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.