اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ??ه جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ??ه گلگت بلتستان ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات، بلند ۽ مٿانهين وارن جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ??ه سنڌ ۾ گرم رهي جڏهن ??ه اسلام آباد، پوٺوهار خطي، گلگت بلتستان، اپر خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ تي?? هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. اربع ڏينهن ??ڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي، ٽنڊو ڄام ۾ 40، مٺي، حيدرآباد، لسٻيلو، تربت ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 39 ڊگ??ي سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.