استنبول-23 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي استنبول ۾ ترڪيه جي دفاع واري وزير يسر گلير (Yasar Guler) سان اهم ملاقات ڪئي. ترڪيه جي دفاع واري وزير استنبول ۾ انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ شرڪت تي وفاقي وزير محسن نقوي جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن نقوي ترڪيه جي دفاع واري وزير کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ آئيڊياز ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن جي معاملن سميت پاڪ ترڪيه لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مختلف شعب?? ۾ ??عاون ۽ واپار وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻط??في سهڪار جي موجوده رفتار کي ساراهيو. ملاقات ۾ بهترين گڏيل مفاد?? ۾ ??هڪار وڌائڻ جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ پاڪستان مان گوشت جو روانگي واپار وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترڪيه پاڪستان کان گوشت جي روانگي واپار لاءِ هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي ترڪيه جي وزير طر??ان گوشت جي روانگي واپار جي آڇ جي آجيان ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته واپار سميت مختلف شعب?? ۾ ??عاون وڌائڻ تي ترڪيه حڪومت جي آجيان ڪنداسين. ٻط??في تعاون کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ لاءِ گڏيل وفدن جا دورا ضروري آهن. گهرو وزير محسن نقوي استنبول ۾ عالمي نمائش لاءِ ترڪيه حڪومت جي بهترين انتظامن کي ساراهيو. ترڪيه حڪومت جي اعليٰ عملدارن کانسواءِ پاڪستان?? سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به ان موقعي تي موجود هو.