اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پا?? بحريه کي اتر ع??ب سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي جي وڏي ۽ ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شڪي ٻيڙيءَ مان وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙڻ تي پا?? بحريه کي ساراهيندي چيو ته پا?? بحريه جي ملڪ دشمن ۽ ڏوهاري پيشي عنصرن جي خلاف موثر ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اتر ع??ب سمنڊ ۾ ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏ ڪامياب آپريشن پا?? بحريه جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي عڪاس آ??ي. ??ڏيل آپريشن ۾ پا?? بحريه جي جه??ز پي اين ايس ذوالفقار ۽ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪي??رٽ?? ايجنسي جي جه??ز پي ايم ايس ايس ڪولاچي حصو ورتو، گڏيل آپريشن ۾ آمريڪي بحريه جي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر يو ايس ايس ابراهم لنڪن، آمريڪي ڪوسٽ گارڊ ۽ پا?? بحريه جي هوائي جهازن پڻ مدد فراهم ڪئي. صدر پاڪستان جي سامونڊي حدن جي حفاظت ۽ سمنڊ ۾ غيرقانوني سرگرمين جي خلاف پا?? بحريه جي ڪردار کي ساراهيو.