راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان بيلاروس ??ي وزيراعظم رومن گولوو چينڪو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سيڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي ??يف عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ بيلاروس جي خدمتن کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عسڪري ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. بيلاروس ??ي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي مُک ڪردار جي تعريف ڪئي ?? دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سندن پيشيوراڻي مهارتن ۽ قر??انين کي ساراهيو.