اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??وحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، وزيراعظم/ پرڏيهي معاملن واري وزير محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون ۽ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ??عا??ن جا نوان موقعا ڳولينديون. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جي قائداڻي سطح جا وفد وزيراعظم ??ان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ ملاقات ڪندا. وزيراعظم 31 آڪٽوبر تي ثقافتي نمائش ”منظر: آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر پاڪستان 1940ع کان هيستائين“ جو افتتاح پڻ ڪندو. اها نمائش پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ۽ تعميري ورثي جي نمائش ڪندي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ عوام سان عوام جي گهري رابطن کي اجاگر ڪندي.