راولپنڊي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادارن ۾ منشيات جي فراهمي خلاف پنجن ڪاررواين دوران 94 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي ا??ن ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مان جاري ڪي?? رپورٽ موجب رنگ روڊ پشاور تي حيات آباد ٽول پلازه ويجهو جوابدارن وٽان 1500 نشي جون گوريون هٿ ڪي??ن ويون، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ مري روڊ تي موٽرسائيڪل سوار جي قبضي مان 500 گرام چرس هٿ آيو آهي. هوڏانهن ٽنڊوڄام حيدرآباد ۾ يونيورسٽي ويجهو موٽرسائيڪل سوار وٽان 7 ڪلوگرام چرس هٿ ڪي?? ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪي?? آهي. رپورٽ موجب ٻين ڪاررواين ۾ موٽر وي ٽول پلازه ويجهو گاڏي مان 12 ڪلوگرام چرس هٿ آيو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪي?? ويو آهي، اوڪزئي ۾ افغان ڪئمپ ويجهو بيٺل موٽرسائيڪل مان 24 ڪلوگرام چرس هٿ ڪي?? ويو. اي ا??ن ايف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ موجب ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.