اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ مالي سال 2025ع دوران ملڪ جي مجم??عي قومي پيداوار ۾ 2.8 سيڪڙو جي اؤسر جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مالي سال 2024ع دوران پاڪستا?? جي معيشت ۾ بحالي آئي آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ زرعي آمدني ۾ واڌ ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ بهتري اچڻ آهي، اها ڳا??هه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ڪالهه ايشيئن ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ جي نالي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ مطابق مالي سال 2024ع جيڪو 30 جون 2024ع تي ختم ٿيو، ان ۾ پاڪستا?? جي مجم??عي ملڪي پيداوار ۾ 2.4 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ٿي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 2025ع ۾ پاڪستا?? جي، جي ڊي پي وڌيڪ 2.8 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان آهي جڏهن ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاشي چئلينجن وچ ۾ پاڪستان لاءِ معاشي سڌار?? جي پروگرام تي عمل پيرا رهڻ، ڪُلي معيشت جي استحڪام کي ??ضبوط ڪرڻ ۽ ترقيءَ جي مسلسل بحاليءَ لاءِ انتهائي اهم هوندو. پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻُڌايو ته پاڪستا?? جي معاشي ترقيءَ جا امڪان ان ڳا??هه تي ڀاڙين ٿا ته ملڪ ۾ اقتصادي سڌارن کي ڪنهن حد تائين مستقل مزاجي سان لاڳو ڪيو وڃي ٿو ته جيئن معيشت کي ??ستحڪم ڪري سگهجي ۽ مالي ۽ پرڏيهي ذخيرن ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان کي عوامي ماليات کي ??ستحڪم ڪرڻ، سماجي خرچ?? جي تحفظ ۾ اضافي، رياستي ملڪيتي ادار?? جي مالي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقيءَ کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 25ع ۾ معاشي ايڊجسٽمينٽ پروگرام جو لاڳو ڪرڻ معاشي سرگرمين ۾ وڌيڪ بهتري جو سبب بڻجندو ڇاڪاڻ ته ان سان معيشت کي ??ڌيڪ مستحڪم مائڪرو اڪنامڪ ماحول فراهم ٿي سگهندو، جڏهن ته نجي سيڙپڪاريءَ کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ بهتر معاشي حالت?? جي ضرورت پوندي، جن ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي تائين آسان پهچ شامل آهي، جنهن سان مينيوفيڪچرنگ ۽ خدمت?? جي شعبي کي به فائدو پهچندو. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 24ع ۾ مهانگائيءَ جي سراسري شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ جاري مالي سال دوران پڻ ان ۾ وڌيڪ گهٽتائيءَ جو امڪان آهي. مالي سال 24ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهي پر بعد ۾ خاص طور تي چوٿين ٽه ماهي ۾ گهٽتائي آئي. اها گهٽتائي کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب ٿي، جنهن جو بنيادي سبب زرعي پيداوار ۾ اضافو هو. مالي سال 25ع ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ هئڻ جو امڪان آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ مناسب مالياتي پاليسي، مٽاسٽا جي شرح ۾ استحڪام ۽ عالمي غذائي قيمت?? جي مستحڪم اڳڪٿي ٻُڌائي پئي وڃي.