نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، پاڪستاني عوام جي دل فلسط??ني ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، پاڪستان فلسط??ني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي، فلسطين جي معاملي کي ڊ??گه?? ڏني وئي ته دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو، عالمي دنيا فلسطين جي آزاد رياست جوڙڻ کي يق??ني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي فلسطين جي صدر محمود عباس سان ملاقات ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستاني عوام جي دل فلسط??ني ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀ متحد ٿي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪريون ٿا، عالمي دنيا فلسطين جي آزاد رياست جوڙڻ کي يق??ني بڻائي، آزاد فلسطين کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي. فلسطين جي معاملي کي ڊ??گه?? ڏنيو ئي ته دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين فلسط??ني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي. عالمي فورمز ۽ عالمي برادري سان رابطن ۾ پاڪستان فلسطين جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون پنهنجي ڀاءُ صدر محمود عباس سان ملاقات ڪئي آهي ته جيئن فلسطين جي حڪومت ۽ پنهنجي فلسط??ني ڀائرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران غزه ۾ اسرائيل جي ڏاڍ، نسل ڪشيءَ ۽ ظلم ج??ري آهي، پاڪستان اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران 41 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ نوجوان، ٻار ۽ بزرگ به شامل آهن. وزيراعظم چيو ته ڪيترائي شهر، ڳوٺ، اسڪول ۽ اسپتالن تائين تباهه ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسرائيلي قدم نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جا خوفناڪ مثال آهن جن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀني کي متحد ٿي فوري طور تي ٻه مطالبا ڪرڻ گهرجن جن ۾ پهريون مطالبو غزه ۾ فوري جنگبندي جو هجڻ گهرجي ۽ آزاد فلسط??ني رياست جو پڻ مطالبو ڪرڻو پوندو جنهن کانسواءِ هن خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اها صورتحال ڪجهه وقت جي لاءِ برقرار رهي ٿي ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ان سان دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسط??ني ڀائرن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته فلسط??ني ڀائرن ۽ ڀينرن جي جدوجهد، عزم ۽ قربانيون رائيگان نه وينديون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ آزاد فلسط??ني رياست جو قيام عمل ۾ ايندو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي فلسطين جي صدر محمود عباس چيو ته پهرين ڏينهن کان پاڪستان فلسطين سان گڏ آهي ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ 1948ع کان وٺي اڄ تائين پاڪستان پنهنجي فلسط??ني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان سدائين فلسط??ني عوام جي هر مڪن مدد ڪئي آهي. ان کانسواءِ پاڪستان عالمي فورمز تي پڻ سدائين فلسطين سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ پاڪستان فلسطين جي موقف جي پرزور تائيد ڪري ٿو.