اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته جٽادار ترقياتي جي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ منصوبن ذريعي جٽادار ترقياتي هدف کي ??رب??ط بڻائڻ جي عنوان سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته 2030ع تائين جٽادار ترقياتي هدف (??يس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان 2015ع کان پنهنجي ترقياتي فريم ورڪ ۾ ??يس ڊي جيز کي شامل ڪيو آهي. رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ترقياتي هدفن جي نگراني ڪري رهي آهي، رپورٽ مطابق پلاننگ ڪميشن فارم 1-(پي سي ون) تي به نظرثاني ڪئي آهي جيڪو پراجيڪٽ جي منصوبه بندي ۽ بجيٽ سازي جو هڪ اهم ذريعو آهي ۽ ان جو مقصد منصوبي کي ترقياتي هدف سان بهتر طور تي هم آهنگ ڪرڻ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جٽادار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان سان مختلف سطح تي سهڪار ڪري رهي آهي، ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي مختلف علائقن ۽ هنڌن تي سرڪاري اهلڪارن لاءِ تربيتي ??رڪ??اپ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو آهي، انهن ??رڪ??اپس ۾ نظرثاني ٿيل پي سي ون جي استعمال تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائ?? سگهجي ته منصوبو ??يس ڊي جيز ۾ پنهنجو حصو وجهي. ??رڪ??اپس ۾ 40 کاتن جي 447 عهديدارن شرڪت ڪئي، انهن ??رڪ??اپس ۾ غربت خاتمي، صحت جي سار سنڀال، معياري تعليم، منصوبن ۾ بهتري لاءِ سفارشون ۽ ترقياتي هدف لاءِ موبائيل ايپليڪيشنز جي استعمال جي صورت ۾ منصوبن کي ??يس ڊي جيز سان ??رب??ط ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن قدمن جو مقصد پاڪستان جي ترقياتي منصوبن کي جٽادار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ??رب??ط بڻائڻ آهي ته جيئن انهن منصوبن ذريعي ??يس ڊي جيز جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد مل?? سگهي.