اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ حڪومت ??يم??ر شهادت اعواڻ ۽ مخالف ڌر ??يم??ر سيف الله ابڙو وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، ٻنهي سينيٽرن هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس شروع ٿيڻ کانپوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽ?? جي اجلاس دوران ٻنهي ??يم??رن ۾ ٿيل سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ايوان ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، جنهن سبب ايوان جي ڪارروائي ۾ 15 منٽن جو وقفو ڪيو ويو هو. وقفي کانپوءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلان?? جي صدارت هيٺ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته وقفي دوران سينيٽ چيئرمين سان حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ??يم??رن جي ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان معاملي کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ٻئي سينيٽرز هڪٻئي کي ڀاڪر پائين ته جيئن ايوان ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ٿئي جنهن کانپوءِ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز ٻنهي ??يم??رن کي ڀاڪر پارايو. ان موقعي تي ٻين سينيٽرن پڻ ايوان ۾ خوشگوار ماحول تي خوشي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها ئي روايت آهي ته اسان هڪٻئي سان ڀائيچاري سان رهون ۽ ان کان اڳ انهي ??يم??رن پاران هڪٻئ?? جي باري ۾ جيڪي رمارڪس ڏنا ويا هئا انهن کي ڪارروائي مان حذف ڪيو وڃي. ان کان اڳ سينيٽر مسرور خان ۽ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري اسٽينڊنگ ڪميٽ?? جي اجلاس ۾ ٻنهي ??يم??رن وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ وارو معاملو اٿاريو ۽ معاملي کي سٺي طريقي سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀ??يو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته واقع?? جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي پر اها ڪميٽي غير جانبدار هجي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪنهن به معزز ??يم??ر کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن ٻئ?? جي باري ۾ فتوا جاري ڪري، قائدا ۽ قانون ان لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ته انهن تي عمل ڪيو وڃي، اهو معاملو سينيٽ چيئرمين کي موڪلڻ گهرج?? جيڪو هن ايوان جو ڪسٽيوڊين آهي. هو معامل?? جي جاچ ڪري، مناسب حڪم جاري ڪري سگهي ٿو.