ڪوئيٽا – 13 – آگ??ٽ (اي پي پي) نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق جشن آزادي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويا آهن. ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي نائب وزي??اع??م محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال جو استقبال وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي، قومي اسيمبلي ميمبر جمال شاهه ڪاڪڙ، صو??ائي وزيرن بخت محمد ڪاڪڙ، راحيلا حميد دراني، حاجي علي مدد جتڪ ڪيو. نائب وزي??اع??م ڪوئيٽا ۾ 14 آگسٽ جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو ۽ گورنر، وڏي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو.