اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد?? جي خلاف پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون لازوال آهن، پوري قوم دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگرد?? جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ڇانوڻي تي هڪ وڏو دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خ??اج تحسين پيش ڪيو ۽ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم بنون ڇانوڻي ۾ دهشتگردن جي حمل?? جي شديد مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلر?? جي جوانن کي خ??اج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن نائب صوبيدار محمد شهزاد، حوالدار ظل حسين، حوالدر شهزاد احمد، سپاهي اشفاق حسين خان، سپاهي سبحان مجيد، سپاهي امتياز خان، سپاهي ارسلان اسلم ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلر?? جي لانس نائيڪ سبز عل?? جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن جي خ??ندانن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگرد?? جي خلاف پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون لازوال آهن، پوري قوم دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اسان حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگرد?? جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.