اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دانش اسڪولز جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، مشڪل حالتن ۾ به سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ نوجوان قابل تحسين آهن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم دانش اسڪول جي شاگرد محمد آيان ڪاشف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، لاڳاپيل عملدار ۽ آيان ڪاشف جي والده ۽ ڏاڏيءَ پڻ موجود هئا. وزيراعظم آيان ڪاشف ۽ سندس گهرڀاتين کي انٽرميڊيئٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ لاهور ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏن??. و??يراعظم چ??و ته ڪالهه جڏهن کيس خبر پئي ته دانش اسڪول جي شاگرد پوزيشن حاصل ڪئي آهي ته کيس تمام گهڻي خوشي ٿي. آيان ڪاشف والد جي ڇانوَ کان محروم ٿي ويو هو سندس ڏاڏيءَ ۽ والده سندس پرورش ۽ تعليم ۽ تربيت جي ذميواري کنئ??. و??يراعظم چ??و ته اهي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جيڪي مشڪل حالتن ۾ تعليم جاري رکن ٿا اهي خصوصي طور تي مبارڪبا?? جا مستحق آهن. وزيراعظم چ??و ته اهڙا نوجوان قوم جو مستقبل ۽ روشن ستارو آهن. آيان ڪاشف وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته دانش اسڪول شهباز شريف جو ويزن هو ۽ اڄ ??نه??جي ڪاميابي جو سهرو دانش اسڪول ڏانهن وڃي ٿو. وزيراعظم چ??و ته دانش اسڪولز کي پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ به قائم ڪيوويندو. بلوچستان ۾ 4 دانش اسڪول کوليا پيا وڃن. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، اسلام آباد، ڳوٺاڻي علائقن ۾ دانش اسڪولز کوليا ويندا. اهي اسڪولز اسان جي لاءِ فخر جو سبب آهن. وزيراعظم چ??و ته اهڙا ٻار جيڪي والد يا والده يا ٻنهي جي ڇانوَ کان محروم يا ڪمزور مالي حالتن جي ڪري تعليم جاري نٿا رکي سگهن اهي دانش اسڪولز ۾ تعليم جاري رکي سگهن ٿا. آيان ڪاشف وزيراعظم جي پڇڻ تي ٻڌايو ته دانش اسڪول ۾ کيس رهائش، يونيفارم، کاڌي پيتي سميت سموريون بهترين سهولتون ميسر آهن. وزيراعظم چ??و ته هو الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪري ٿو جنهن اسان کي هي اسڪول ٺاهڻ جي توفيق ڏني. مون کي اها شيءَ تمام گهڻي تڪليف ڏيندي هئي ته ايچي سن ڪاليج جهڙن تعليمي ادارن جا دروازا غريب ٻارن تي نٿا کلي سگهن ۽ انهن تعليمي ادارن ۾ رڳو امير، زميندار ۽ وڏي خاندانن جا ٻار ئي پڙهي سگهن ٿا. غريب جو ٻار اهڙي ڪاليج ۾ داخلا جو سوچي به نٿو سگهي. اتان ئي ??نه??جي اندر دانش اسڪول قائم ڪرڻ جي سوچ پيدا ٿي جيڪا پوري ٿ??. و??يراعظم آيان ڪاشف کي ميڊل پارائيندي چيو ته پاڪستان جي ترقي جي ڪُنجي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هٿ ۾ آهي. اسان پنهنجي نوجوانن کي مختلف فنون ۽ هنر جي تربيت ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ته جيئن انهن نوجوانن کي زراعت، صنعتن، آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ روزگار جا بهتر موقعا حاصل ٿي سگهن. وزيراعظم چ??و ته صنعت ۽ حرفت ۽ زراعت جي ترقي ۽ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ باصلاحيت نوجوانن جي کيپ تيار ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. آيان ڪاشف وزيراعظم سان خواهش جو اظهار ڪيو ته دانش اسڪولن کي يونيورسٽي تائين ترقي ڏني وڃ??. و??يراعظم چ??و ته هو ان سلسلي ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان ڳالهه ڪندو، اها سٺي تجويز آه??. و??يراعظم چ??و ته اسلام آباد ۾ دانش اسڪول جي لاءِ زمين ۽ فنڊز مختص ڪيا ويا آهن. بلوچستان، اڳوڻي فاٽا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به تمام جلد دانش اسڪول ٺهندا ته جيئن اهڙا ٻار جن وٽ وسيلا نه آهن انهن کي بهترين تعليمي سهولتون فراهم ٿي سگهن. آيان ڪاشف جي والده چيو ته هو پنهنجي ٻار جي ڪاميابي سان تمام گهڻي خوش آهي. ??نه??جي پٽ کي دانش اسڪول جي ڪري تعليم جو موقعو مليو. دانش اسڪولن جي استادن جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آه??. و??يراعظم چ??و ته مون دانش اسڪولن جي لاءِ بهترين استادن جون خدمت??ن حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. وڌيڪ پگهارن تي استادن جون خدمت??ن حاصل ڪرڻ تي احتجاج به ٿيو پر مون چيو ته غريب ٻارن کي به ايچي سن ڪاليج، لارنس ڪاليج، گرامر، ڪانونٽ ۽ وڏين فيسن وارن پرائيويٽ اسڪولن جهڙي تعليمي سهولتن واري اسڪول ۾ پڙهڻ جو حق حاصل آه??. و??يراعظم چ??و ته مونکي خوشي آهي ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ??نه??جي ويزن کي اڳتي وڌائي رهي آه??. و??يراعظم آيان ڪاشف جي حوصلا افزائي جي لاءِ کيس 10 لک رپين جو چيڪ ۽ ليپ ٽاپ ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته انهي محنت، جذبي ۽ لگن سان اڳتي وڌي ۽ قوم جو معمار بڻجي.