راولپنڊي -17 جولاءِ (اي پي پي) بنون ڇانوڻي تي 15 جولاءِ تي دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهادت جي عظيم رتبي تي پهتل پاڪ فوج جي جوانن کي پوري فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق ان واقعي ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد شهيد (??مر 44 سال، رهائش ضلع پونڇ آزاد ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين ش??يد (??مر 39 سال، رهائش ضلع خ??شاب)، حوالدار شهزاد احمد شهيد (??مر 28 سال، رهائش ضلع نيلم آزاد ڄمون ڪشمير)، سپا??ي اشفاق حسين خان ش??يد (??مر 30 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد شهيد (??مر 22 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپا??ي امتياز خان ش??يد (??مر 30 سال، رهائش ضلع ڪرڪ)، سپا??ي ارسلان اسلم شهيد (??مر 26 سال، رهائش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي شهيد (??مر 34 سال، رهائش لڪي مروت) کي پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازه نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مادر وطن مان دهشتگردي جي لعنت ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي. شهيدن جون هي عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه وينديون.