اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد خالد م??سي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي ۽ ملڪي ۽ صوبائي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ معيشت جي استحڪام ۽ عوام دوس?? بجيٽ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم جا بلوچستان جي ت??قي ۾ خصوصي دلچسپي ۽ بلوچستان جي عوام جي لاءِ ترقياتي قدمن تي ٿورا مڃيا. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل پارٽي جي وفد پڻ ملاقات ڪئي. وفد ۾ بلوچستان صوبائي اسيمبلي ميمبر رحمت صالح بلوچ ۽ اڳوڻو سينيٽر مير ڪبير محمد ساهي شامل هئا. ان موقع?? تي صوبي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.