شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جو پنهنجو 5 ڏينهن جو تاريخي ۽ ڪامياب دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو، پاڪستان رواني ٿيڻ وقت شانسي صوبي جي ??ائب گورنر ڇَن ڇُن جيانگ، اعليٰ چيني ۽ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جو 5 ڏينهن جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي ??اڳاپن جي ??ضبوطي، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ واپاري لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ سي پيڪ جي ??ئي م??حل?? ج?? شروعات جي حوالي سان اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. دوري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته تازو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي ??طرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين جهت جو اضافو آهي. چيني قيادت شي جن پنگ ۽ پريميئر لي ڪي ڪيانگ جو مهمان نوازي تي دل سان ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ چين جي دوستي لازوال ۽ بي مثال آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ??ئي م??حل?? تحت چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جي ??اڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ٿي، چين جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي اقتصادي حصيداري سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. تازي چين جي دوري دوران ٿيندڙ مثبت اڳڀرائي جا اثر ڊگهي مدي تائين رهندا.