اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ جي دعوت تي 4 کان 8 جون تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بيجنگ کانسواءِ زيان ۽ شين زن شهرن جو د??رو پڻ ڪندو. بيجنگ ۾ قيام دوران وزيراعظم صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ??ي چيئرمين زائو لي جي ۽ اهم سرڪاري ادارن جي سربراهن سان ملاقات پڻ ڪندو. بيان موجب وزيراعظم جي دوري جو هڪ اهم رخ تيل ۽ گئس، توانائي، آءِ سي ٽي ۽ اڀرندڙ ٽيڪالاجيز جي اهم چيني ڪمپنين جي ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز سان ملاقاتون ??ينديون. وزيراعظم شين زن ۾ ٻنهي ملڪن جي اهم واپارين، ڪاروباري ماڻهن ۽ سيڙپڪارن سان گڏ چين بزنس فورم کي خطاب ڪندو. هو چين ۾ اقتصادي ۽ زرعي زونز جو د??رو پڻ ڪندو. وزيراعظم جو چين جو د??رو پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو ثبوت آهي جنهن جو خصوصيت اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه سان ٿيندي. دوري دوران ڌريون گهڻ رُخي موسمي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون. ڌريون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي اپ ڊيٽ ڪرڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي اڳتي وڌائڻ، سلامتي ۽ دفاع، توانائي، اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ تعاون کي وڌائڻ سميت ثق??فت?? تعاون ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏئي پاڪ چين دوستي جي مستقبل جو رخ طئي ڪري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪنديون.