شينزن – 05 – جون (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار چي?? ته روانگي واپار ۾ اضافي سميت ٻين اهم قدمن جي لاءِ ڪوششو ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ 10 ٽريلين ڊالر جي معدني وسيلن جو ڪاٿو آهي، پاڪستا?? ۾ ??ءِ ٽي، زراعت، معدني وسيلن سميت مختلف شعب?? ۾ ??ي پناهه موقعا آهن. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار چي?? ته سيڙپڪاري جي سهولت ڪائونسل ڪاروباري شعبي ۽ سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، خساري ۾ هلندڙ 84 سرڪاري ادارن جي نجڪاري تي غور جاري آهي. نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار چي?? ته پاڪستان جو اقتصادي ترقي جي حوالي سان بهتر ٽريڪ رڪارڊ رهيو آهي، ڪجهه سال اڳ تائين پاڪستان دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، ناڻي واڌ 2 سيڪڙو، سي پي آءِ 9 سيڪڙو کان گهٽ، جي ڊي پي واڌويجهه 6 سيڪڙو هئي بدقسمتي سان سياسي عدم استحڪام، حڪومت جي تبديلي، ڪوويڊ سميت ٻين مسئلن جي ڪري ان ۾ مشڪلاتون آيون.