اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري تربت ۾ نيول بيس تي دهشتگردن جو حم??و ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهيندي مل?? مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف عل?? زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته حم??ي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي وقت ۽ موثر جوابي ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. صدر ڪليئرنس آپريشن جي ذريعي دهشتگردن جو صفايو ڪندڙ جوانن جي بهادري کي پڻ ساراهيو. صدر آپريشن دوران شهاد?? ماڻيندڙ سپاهي نعمان فريد کي پڻ خراج عق??دت پيش ڪيو. صدر شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.