اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جشن نوروز جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ??يون. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نوروز ملهائيندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جشن نوروز بهار موسم جي اچڻ تي خوشيون ورهائڻ جو موقعو آهي. وزير??عظ?? چيو ته هن تهوار ۾ اميد جو پيغام آهي جيڪو اسان کي هڪ بهتر مستقبل جي خبر ڏي ٿو، پاڪستاني پارسي برادري کي جشن نوروز جي موقعي تي خصوصي ط??ر تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وزير??عظ?? چيو ته پوري قوم ملڪ جي ترقي ۾ پارسي برادري جي اهم ڪردار جي معترف آهي ۽ اقليتن جي ان جذبي کي ساراهي ٿي، اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ??يون.