اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف جيريز ڊناٽا پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪندي جيريز کان ڪينسر جي مريض?? جي لاءِ ريڊي ايشن مشين فوري آزا?? ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ م??جب صدر مشي?? جي حساس نوعيت، انسانيت خاص طور تي ڪينسر جي مريض?? جي خدمت جي عظيم مقصد کي نظر ۾ رکندي مشين جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪليڪٽر ڪسٽمز لاهور 7 ڏينه?? جي اندر اٽڪل هڪ سال کا?? جيريز وٽ پيل ڪينسر جي علاج جي لاءِ ريڊي ايشن مشين آزا?? ڪرائي، عدم تعميل جي صورت ۾ ڪليڪٽر ڪسٽمز قانون م??جب ضروري ڪارروائي شروع ڪري. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته تابڪاري مشين اپريل 2023ع کان شيڊ ۾ پيل آهي، جيريز گودام جي اضافي قيمت جي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪاري آهي، ڪسٽمز عملدارن ??سٽ??ريج/ ڊيمريج چارجز معاف ڪرڻ جي لاءِ سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو. صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته جيريز ڪسٽمز عملدار?? جي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي سنجيده نه ورتو، جيريز ويئر هائوس چارجز جي وڏي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو، دير جي ڪري پاڪستا?? جي ڪينسر جي مريضن ۽ غريب ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، غريب عوام ملڪ جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائين ٿا، همدرداڻي بنيادن تي مسئلن کي سمجهڻ کانسواءِ اهڙو استحصالي ڪاروبار افسوسناڪ آهي. ان حوالي سان ايوان صدر پاران جاري تفصيل م??جب ميو اسپتال ڪينسر جي مريضن کي ريڊي ايشن ڏيڻ جي لاءِ ڪوبالٽ – 60 سورس درآمد ڪيو، اها مشين سرڪاري اسپتالن ۾ مريض?? جي لاءِ دستياب واحد مشين آهي، فنڊز جي عدم دستيابي جي ڪري باقي رقم جي عدم ادائيگي تي مشين شيڊ ۾ روڪي وئي هئي. ڪسٽمز عملدارن ??سٽ??ريج چارجز معاف ڪرڻ جي لاءِ دير جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، دير جو سرٽيفڪيٽ ڪسٽمز جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر پاران جاري ڪيو ويو هو. جيريز جي مئنيجر ڪارگو بقايا چارجز جي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اوزار جاري نه ٿيڻ تي ميو اسپتال جي سي اي او وفاقي ٽيڪس محتسب سان رجوع ڪيو. ٽيڪس محتسب ڪليڪٽر آف ڪسٽمز لاهور کي فوري طور تي سامان جاري ڪرڻ جي لاءِ جيريز سان رابطو ڪرڻ جو چيو. جيريز ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي کانپوءِ جيريز جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته جيريز دير جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود مشين جاري نه ڪري ڪسٽم ايڪٽ 1969ع جي شق?? جي خلاف ورزي ڪئي، جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ ۽ ايڪٽ جي شقن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. صدر چيو ته ڪسٽم ايڪٽ تحت سرٽيفڪيٽ جي تعميل نه ڪرڻ تي ڏنڊ جي سزا آهي، ڪسٽمز جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ها. فيصلي م??جب جيريز ڪسٽمز ايڪٽ جي شقن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي، جيريز جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي. صدر هدايت ڪئي ته ڪليڪٽر آف ڪسٽمز 7 ڏينهن ۾ حڪمن تي عملدرآم?? ڪرائي ۽ مشين آزا?? ڪرائي وڃي، عدم تعميل تي قانون م??جب ضروري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.