اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سريلنڪا سان ٻطرفي واپاري ماپي کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌ??ئڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي لاءِ ??ام??د پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ج?? وچ ۾ 7 ڏهاڪن تي ٻڌل مض??وط لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ وڌ??ئڻ جي ضرورت آهي، سريلنڪا سان معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا وڌيڪ مض??وط بڻائڻا پوندا. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي بابت خيرسگالي ج?? جذبن کي مض??وط اقتصادي رابطن ۾ بدلائڻو پوندو. هن پاڪستان ۾ ٻڌمت ورثي ج?? جاين جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز کي سريلنڪا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ??ام??د ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.